پير مبي جو قبرستان

پير مُبي جو قبرستان: بوبڪ شهر، تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄام شوري جي ڦڙدي واري موريءَ کان اتر تي ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ سيوهڻ کان 16 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي 260 27' 37" اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 670 42' 46" ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي هي قبرستان موجود آهي. جيئن ته بند کان اڳ ۾ هي قبرستان منڇر جي ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ هوندو هو. ان ڪري گهڻي ڀاڱي قبرون ٺهيل نه آهن. صرف انهن مٿان شاهه حسڻ کان پٿر آڻي وڌا ويا آهن. زمين کان 6 فوٽ کن مٿي هڪ ٿلهو آهي؛ جنهن جي ڏکڻ واري ٻانهين تي ڪوٽ جا نشان بيٺل آهن. سرون سنهيون ڪتب آندل آهن. ٽن منارن جا نشان ڪوٽ جي ڀت سان وڌواڙن جي صورت ۾ ٻاهر نڪتل آهن. ۽ اولهه واري ڀت ڊهي چڪي آهي. پوءِ به هڪ مناري جو وڌواڙو اڃا سلامت آهي. اتي ڪوٽ ڇا جي لاءِ هو؟ ڪوٽ هو به يا نه، اهو سوال اڃا قائم آهي. ڪوٽ تي قبرون آهن، پر ڪنهن تي به ڪو ڪتبو نه آهي. هڪ تازو مقبرو به ٺهيل آهي، جيڪو بنهه سادو ٽيئرن گارڊرن سان ٺهيل آهي (2008ع)، جنهن جي ماپ 30x30 فوٽ آهي. ان جو لنگهه اوڀر ۾ آهي ۽ سڄو سيمنٽ جي ڄارين سان بند آهي. اندر ٽي قبرون آهن. وچ واري قبر سنڌ جي عالم مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جي آهي. جنهن تي ڪتبو لڳل آهي، جيڪو ويجھي دؤر ۾ هنيو ويو آهي. هي پٿر ائين قبر ٻه ماڙ آهي. مٿس اڪر جو ڪم ٿيل آهي. گهڻو ڪري چٽ مهندسي اٿس. قبر 3 فوٽ کن اوچي آهي. ٻه قبرون تازو مرمت ٿيل آهن. اندر مقبري ۾ ٽائيلس جو ڪم ٿيل آهي. مخدوم جعفر، سمن جي دؤر جو وڏو عالم ۽ سرور نوح جو همعصر هو (ڏسو: جعفر بوبڪائي). تاريخ ۾ سندس ڪافي ذڪر ملي ٿو. ٿلهي کان ڏکڻ ۾ پٿر جون چار قبرون موجود آهن. جن مان هڪ قبر ڪنهن ٻار جي آهي. انهن قبرن تي به مهندسي اُڪر ٿيل آهي. انهن مان ٻن تي سن لکيل آهن، پر نالو لکيل نه آهي. هڪ تي سن 1169هه ۽ ٻيءَ تي 1121هه لکيل آهي. قبرون زبون حال آهن. انهن جا پٿر اکڙي ويا آهن. قبرستان جي اتر ۾ پڪو روڊ ٺهيل آهي. ڪجهه نيون قبرون چڱيون سينگاريل هيون. جيڪي گهڻو ڪري ملاحن جون آهن. پير مُبي نالي ڪنهن به شخص جي قبر نظر نه ٿي اچي، پر قبرستان جو اهو نالو مشهور آهي. قبرستان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽ هڪ بند ڪوٺي ملي آهي، جنهن ۾ هڪ قبر موجود آهي، جنهن تي پٿر پيل ڏٺا ويا. قبر چڱي ڊگھي هئي. پر ان تي به ڪو ڪتبو وغيره لکيل ڪونه آهي، ممڪن آهي اها قبر پير مبي جي هجي. قبرستان 25 کن ايڪڙن ۾ ڦهليل آهي ۽ ان جي سار سنڀال جي ضرورت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو